پروفيسرعطاءُ الله ابڙو

پروفيسرعطاءُ الله ابڙو

عطاءُ الله ابڙو پروفيسر

عطاءُ الله ابڙو، پروفيسر: ناليوارو اديب، ترجمي نگار ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو ولد امان الله ابڙو، 5 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حيدر ڏيٿو، تعلقي ميروخان، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ 1969ع ۾ گورنمينٽ پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر (پري ميڊيڪل) 1971ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1973ع ۾ ساڳئي ڪاليج مان بي. ايس. سي ڪئي، جنهن بعد 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان باٽني شعبي ۾ ايم. ايس. سي ڪئي ۽ 1977ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن 2003ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پروفيسر ڊاڪٽر هدايت الله ابڙي جي نگرانيءَ ۾ ‘ڪوئٽا ڊويزن بلوچستان ۾ قدرتي طور ملندڙ کنڀين جا مختلف قسم’ تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. البت هو ڪن سببن جي ڪري پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ماڻي نه سگهيو. پاڻ 1978ع ۾ ڊگري ڪاليج سبي، بلوچستان صوبي ۾ باٽني شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پوءِ سڄي حياتي بلوچستان ۾ ئي مقرر رهيو. ان دوران هو 1984ع-1985ع ڪوئٽا ۾، 1985ع کان 2000ع تائين اوستي محمد ۾، جولاءِ 2004ع کان ڪجهه وقت جهل مگسيءَ ۾ پرنسپال به رهيو، پر پوءِ پروفيسر طور اوستي محمد ۾ واپس آيو، جتان هن جولاءِ 2012ع ۾ 20 گريڊ ۾ پروفيسر طور رٽائرمنٽ ورتي. پروفيسر عطاءُ الله ابڙي لکڻ جي شروعات 1973ع-1974ع ڌاري ڪهاڻيون لکڻ سان ڪئي. گڏوگڏ هن ترجما ڪرڻ به شروع ڪيا. ترجمن ۾ سندس رهنمائي محمد علي شيخ ڪئي. هن سڀ کان پهرين 1987ع ۾ خليل جبران جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا. 1988ع ۾ خليل جبران جي ڪتاب جو غلامي جي نالي سان ترجمو ڪري ڇپايو، ان ڪتاب جا 3 ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ان بعد نامور اديب ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ترجمو ڪيو، جيڪو ’آزادي‘ جي نالي سان 1990ع ۾ ڇپيو. کيس خليل جبران سان محبت هئي ۽ سندس فلسفي مان تمام گهڻو متاثر هو، جنهنڪري هڪ ڀيرو ٻيهر خليل جبران جي فلسفي تي مشتمل ڪتاب (Sand and Foam) کي حبيب شر جي ڪيل اردو ترجمي ‘ريت اور جهاڳ’ تان ترجمو ڪيو، جيڪو ‘ساحل ۽ سمنڊ’ نالي سان 2005ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپيو. ان بعد سندس لاڙو ڀڳت ڪبير ڏانهن ٿيو ته هن ڪبير تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن نه صرف مسلسل ٻه سال ٿر، ٿاڻي بولاخان، ٺٽي، بدين ۽ بلوچستان مان ڪبير صاحب جا شعر هٿ ڪيا. ڪبير جا ڪيترائي ڪتاب پڙهيائين، ان دوران ڪينسر جهڙي موذي مرض سان پڻ جهيڙندو رهيو، پر همت نه هاريائين، نيٺ آخر ‘ڀڳت ڪبير جا دوها’ عنوان سان ڪتاب تيار ڪيائين، جنهن ۾ نه صرف دوهن جو نثر ۾ ترجمو شامل آهي، پر سندس دوهن جو مروج ادبي ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو (دوهي جو دوهي ۾) پڻ ڪيو ۽ ڪبير صاحب جي فڪر ۽ فن تي مفصل مقالو/ مقدمو به لکيائين. اهو ڪتاب 2010ع ۾ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڀڳت ڪبير جا اصل دوها پڻ ترجمي سان گڏ ڏنا ويا آهن. ان بعد هن سڄي دنيا ۾ رباعيءَ جي حوالي سان مشهور ايراني شاعر عمر خيام جي فارسي رباعين کي ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ عمر خيام جي 285 رباعين جي ترجمي جو ڪتاب اڀياسي مقالي سميت ‘رباعيات عمر خيام’ نالي سان مارچ 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان بعد ابڙي صاحب هڪ ٻيو اهم ڪم ترجمي لاءِ منتخب ڪيو ۽ اهو هو، عربي ادب ۾ دور جاهليت جي مشهور شاعرن جي ’سبع معلقات‘ جو سنڌي ترجمو. ان ڪتاب جي ابتدائي ترجمي جو ڪم به پورو ڪيائين، پر ان تي اڃا نظرثاني رهيل هئي، جو کيس ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي. اهڙيءَ طرح اهو ڪتاب اڌورو رهجي ويو. پروفيسر عطاءُ الله ابڙو سنڌي ٻوليءَ جو خاموش خدمتگار هو. هن آخري وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندي گذاري. هن نامور اديب، مترجم 10 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.05  عيسوي

ناليوارو اديب، ترجمي نگار ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو ولد امان الله ابڙو، 5 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حيدر ڏيٿو، تعلقي ميروخان، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.


2012.08.10  عيسوي

پروفيسرعطاءُ الله ابڙي 10 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مختيار سمو
شمس الدين قريشي
دوارڪا پرساد روچيرام شرما
محمد سومار شيخ
امر جماڻي ڏيپلائي
چنا راهي
نسيم ٿيٻو
عشرت علي خان
مدد علي سنڌي
زبير سومرو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون